کانٽو ڪئنال (واهه): هي واهه سنڌو درياهه جي دائمي شاخ هو، جيڪو ستاهه واهه (تعلقو شاهبندر) ۾ داخل ٿيندو هو. سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ تبديليءَ سبب ٻين واهن جيان هي واهه به متاثر ٿيو. 96-1895ع ۾ هڪ مُک لوهي ڇاٻ لڳل هئي، جتي اهو درياهي بند جي ڀاڏي/بھاڏي پور واري حفاظتي بند کان گذري ٿو، هي ڪئنال سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري کان ڪوهڙي وٽان نڪري ٿو. هي 1893ع کان اڳ سڌو سنڌو درياءَ مان نڪرندو هو. هن جو عام وهڪرو اٽڪل ڏکڻ ڏانھن سِڌو آهي، اهو ستاهه ڍوري ۾ شاهه بندر ويجهو آڳاٽي کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 24 ميل آهي، جنھن منجهان ويھه ميل تي آبپاشِيءَ لاءِ انتظام رکيو وڃي ٿو. اهو سمورو شاهه بندر تعلقي مان وهي ٿو ۽ يارهن ميل ڊگهين ٻن واهن جي مک شاخن ۽ 484 ڪڙين کي پاڻي پھچائي ٿو. هن جي منھن وٽ اوچي ويڪر چاليھه فوٽ ۽ پاڻي جي اونهائي ساڍا ڏهه فوٽ آهي. 1894ع ۾، قادر ڏني شاهه دريائي بند کي وڏو گهارو پيو هو، تنھن ڪري هن واهه کي گهڻو نقصان پھتو هو. سنڌو درياهه کي سڌو لنگهه ڏيڻ ۽ ان جي ٻوڏ واري پاڻيءَ جي سطح کي مٿانھين وهڪري جي بندن تي دٻاءُ گهٽائڻ جي لحاظ کان، قادر ڏنو شاهه بند تان هٿ کنيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي دريائي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ هن واهه جي ساڄي ڪناري تي، 1895ع ۾ اوڻيھه ميل ڊگهو بچاءُ بند جوڙيو ويو.
هن واهه تي خريف ۾ چانورن کانسواءِ ٻيا فصل گهٽ پوکيا وڃن ٿا. 1895ع کان اڳ، مک لوهي ڇاٻ ٺاهڻ وقت، جنگو-جلباڻي ڏانھن ٻيڙين جي اچ وڃ ٿيندي هئي. لوهي ڇاٻ تي به ٻيڙين جي لنگهه جي ڪا به سھولت نه ڏني وئي، تنھنڪري هاڻي ٻيڙين جي اچ وڃ نٿي ٿئي.