کاهي

کاهي (شھر): کاهي، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جو هڪ قديم ۽ تاريخي شھر آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب کاهي شھر جي آبادي 40 هزار هئي. چوڏھن ديھون رکندڙ ۽ 120 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل کاهي، تعلقي کپري کان 25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهي. هن شھر کي 1953ع کان يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. زرعي علائقو هجڻ ڪري هيءُ شھر وڏو واپاري مرڪز پڻ رهيو آهي.


لفظ کاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو