کاڙڪ (ذات): هيءُ قبيلو اصل 10هين صدي هجري، 16 صدي عيسويءَ ڌاري راجستان کان پنھنجي چوپائي مال سميت لڏي اچي سنڌ ۾ رهيو. چوپائي مال جي سانگي سان هن خاندان جا ماڻھو ننگر پارڪر، عمرڪوٽ ۽ لاڙ پَٽ جي ميرپور بٺوري پرڳڻي ۾ اچي رهيا. هنن جي شروعاتي ٻولي مارواڙي هئي، ان کان پوءِ جيڪي ٿر ۾ رهيا. انهن ڍاٽڪي ۽ لاڙ ۾ رهندڙن لاڙي لھجو اختيار ڪيو. موجوده دؤر ۾ هنن جا ڪجهه مشھور ڳوٺ آهن: ڳوٺ دهه (ننگرپارڪر)، ڳوٺ عبدالله کاڙڪ (ميرپور بٺورو)، ڳوٺ دلشاد کاڙڪ (دڙو روڊ)، ڳوٺ جلال کاڙڪ (دڙو روڊ) ۽ ڳوٺ گھرام کاڙڪ (بگهاڙ واهه).