کاڻوٺ (شھر): ڄامشوري ضلعي جو هڪ ننڍڙو شھر، جيڪو ڪوئلي جي کاڻين سبب مشھور آهي. هيءُ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي، حيدرآباد کان 45 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي سيوهڻ ويندڙ رستي تي واقع آهي. ڪوئلي جي کاڻين سبب هتي ’لاکڙا‘ پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويو. موجوده وقت ۾ هتان جي آبادي لڳ ڀڳ ڏهه هزار آهي. 60-1759ع ڌاري ميان علام شاهه ڪلهوڙي جبلن جي ڪناري سان کاڻوٺ جو شھر ٻڌايو هو پر پوءِ آبڪلاڻي جي موسم ۾، درياهه جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري هن شھر طرف گهٽ توجھه ڏنائين. کاڻوٺ اڳ ۾ منطور آباد يونين ڪائونسل ۾ شامل هو، جنھن کي 2016ع ۾ ڌار ڪري، الڳ يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو.