کجور لانڍي

کجور لانڍي (ماڳ): هن ماڳ جا ڪرچات کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ ‘ڪليرڙو’ ٽڪريءَ کان ڪجهه مفاصلي تي ننڍن پوٺن تي هڪ ڪلوميٽر کن جي ايراضيءَ تي آثار پکڙيل آهن. هن جي پاسي ۾ کجور واهي وهي ٿي. نئن بارڻ جي ٻئي ڪپ تي ڪراچيءَ کان تونگ واري رستي سان به ڦِٽل جڳھه جا نشان آهن. کجور ويجهو رستو نئن بارڻ مان لنگهي ٻه واٽي ۾ تبديل ٿئي ٿو.کجور ماڳ ڪن هنڌن تي 12 فوٽ اوچو آهي.کجور جي ماڳ تي پٿر جا اوزار ملن ٿا، ان کانسواءِ عام ٺڪراٺي ۾ ٺڪر جا گول بيضوي ڳوڙها، مڻيا وغيره به ڏسجن ٿا. کجور لانڍي جو ڍانچو به موجود آهي جيڪا هاڻي ڊهي چڪي آهي. انگريزن جي زماني ۾ عملدار گشت تي نڪرندا هئا ته انھن ۾ اچي ڊاٻو ڪندا هئا.


لفظ کجور لانڍيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو