کجي
کجي: کجيءَ جو انگريزيءَ ۾ نالو Date tree ۽ سائنسي نالو Phoenix dactyliferaL آهي. هن جي ميوي کي انگريزي ۾ Date palm چوندا آهن. هي دنيا جي آڳاٽن ميويدار وڻن مان آهي. چيو وڃي ٿو ته هن وڻ جي پوکيءَ جي شروعات فارس کان ٿي، جتان جي آس پاس وارن ملڪن جي واپاري قافلن جي معرفت سنڌ تائين پھتو. موهن جي دڙي جي کوٽائي مان به هن جو ٻج مليو آهي. هن وڻ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. هن جا سڀ قسم گهڻو ڪري ٻج جهلين ٿا. ٻج پوکڻ جي موسم سانوڻيءَ جو مھينو آهي. کجيون ڪڏهن ڪڏهن ڦٽڻ ۾ گهڻو وقت وٺنديون آهن. کجين جا ڪجهه قسم هيٺ بيان ڪجن ٿا: سوپاري: هيءَ هڪڙي سھڻي قسم جي کجي آهي. جيڪا قد ۾ پوري پني ۽ هن جا پن ڇھن فوٽن تائين ڊگها ٿيندا آهن. هن جنس ۾ نر ماديون به ٿين. نيٽ يا بيد: هن کي هنديءَ ۾ بيد ۽ انگريزيءَ ۾ راٽن چوندا آهن. کجيءَ جي هن قسم کي گاهه ۾ به شامل ڪيو وڃي ٿو. هن جو ٿڙ ڳُريءَ دار يا سنڌن وارو ٿيندو آهي، جنھن جي مٿان ڪنڊيدار کوپا چڙهيل هوندا آهن. پن ڇٽيھن انچن تائين ڊگها ٿيندا آهن. ميوو ننڍڙو ۽ سواد ۾ ڦڪو ٿيندو آهي. هي وڻ ننڍي هوندي سھڻو لڳندو آهي. هن جا به مختلف قسم ٿين ٿا. ناريل: هي ميويدار کجي جو قسم آهي. هن کجيءَ جا مختلف قسم گلن جي باغن جي سونھن لاءِ به رکبا آهن. پکن واري کجي: هيءَ کجي قد ۾ 8 کان 15 ميٽر ڊگهي ٿيندي آهي. هي جنس به ننڍي هوندي سھڻي هوندي آهي. پن گول پکي جھڙا ٿيندا آهن، تنھنڪري مٿس ’پکن واري کجي‘ نالو پيو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ پوکيءَ ٿيندڙ ٻيون جنسون، جن کي سنڌي ۾ اصيل، اصلي، بيگن، ڀيدر، ڏيڍي واري، فصلي، گهوڙي واري، هوا واري، عيدل شاهه، اسحاق واري، ڪربلائڻ، ڪُڙهه، اوطاقڻ، ڪپڙو، ڪاشو واري، خاڪي واري، خار، کرڪڻو، خرمو، مدينه، شڪري، ڪرهواري، دغلث نور، نقل، نوري، پٿري ۽ ٺوٺر جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جن مان اصلي، شڪري، فصلي، مدينه ۽ دغلت نور سفارش ڪيل جنسون آهن. ميويدار کجين مان، کجور نڪرندي آهي، جنھن مان ڪتَل ۽ کارڪون تيار ڪيون وينديون آهن. ٻيون ناريل ۽ سوپارين واريون کجيون ٿينديون آهن. انھن کانسواءِ ٻيون به ڪي کجيون آهن، جيڪي صرف خوبصورتيءَ جي ڪري گلن وارن باغن ۾ پوکيندا آهن. ميوي واريون کجيون گهڻو ڪري پاڪستان توڙي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿين ٿيون. هنن جو سٺو قسم عربستان مان آيل آهي. کجيءَ جا مختلف قسم مٺاس، قد ۽ شڪل ۾ تفاوت رکن ٿا. هن جي ميوي کي نرم صورت ۾ کجور يا ڪتل ۽ خشڪ صورت ۾ کارڪون چوندا آهن. ڇھارا به انھن مان ٿيندا آهن. کجور کي حلوي ۽ پلاءَ ۾ به ڪم آڻيندا آهن. ڪن هنڌن تي کجور رڳو رس جي لاءِ پوکيندا آهن. هن جي ٿڙ مان نڪرندڙ رس کي تاڙي سڏيندا آهن، جيڪا شراب طور واپرائي ويندي آهي. کجيءَ جي نسل کي ٻن طريقن سان وڌائي سگهجي ٿو. هڪ ٻج يا ککڙيءَ رستي ۽ ٻيو ٻچن يا جهتن ذريعي. کاري يا ڪلراٺي ۽ لوڻياٺي زمين کجين لاءِ تمام چڱي آهي. مٺيءَ زمين ۾ پوکيل کجين کي ڀاڻ وانگي شورو يا لوڻ به وجهندا آهن. سنڌ ۾ خيرپور ۽ روهڙيءَ جي آسپاس ۽ ٻين مختلف هنڌن تي کجين جا باغ گهڻا آهن، جن مان عمدي قسم جي کجور جو فصل لھي ٿو. عربيءَ کجيءَ جو هڪڙو اهڙو قسم به آهي، جنھن ۾ ککڙي ڪونه ٿيندي آهي، اها ’بيدانه‘ سڏبي آهي. ان کان علاوه ’اجوا‘ جو شمار عربستان توڙي دنيا جي بھترين کجيءَ ۾ ٿئي ٿو.دنيا ۾ کجي پيدا ڪندڙ ملڪن ۾: مصر، ايران، سعودي عرب، الجيريا، عراق، پاڪستان، سوڊان، عمان، متحده عرب امارات ۽ تيونس شامل آهن، جڏهن ته کجين جي برآمد ۾ پاڪستان ٻئين نمبر تي آهي. انڊسٽري اي آر سي جي رپورٽ موجب 2021ع ۾ پاڪستان مان کجين جي برآمد 508 هزار ميٽرڪ ٽن رپورٽ ڪئي وئي. پاڪستان مان کجين جي برآمد ڪندڙ اهم ڪمپنين ۾، بلوچ حمزه برادرز ڊيٽ ڪمپني، جي اين ايس پاڪستان، ايشيا فوڊز انٽرنيشنل، اٽل راجسٿان ڊيٽ پام لميٽڊ (ARDP) ۽ گڙ ڊاؤن شامل آهن. ايوب ائگريڪلچرل رسرچ انسٽيٽيوٽ، فيصل آباد جي رپورٽ موجب پاڪستان هر سال کجين جي برآمد مان لڳ ڀڳ 28 ملين ڊالر ناڻو ڪمائي ٿو.