کجي واهه: هيءُ واهه به درياهي واهن مان هڪ هو، پوءِ دادو ڪئنال جي نڪرڻ ڪري کجي واهه جان محمد ڳوٺ کان به اڳتي وهي، آبادي ڪرائيندو هو. ان نياڻ ۾ دادو ڪئنال مان وهائي هڪ ڪڙيو قائم ڪيو ويو. پر قديم درياهه مان وهندڙ واهه جا آثار اڄ به موجود آهن. کجي واهه جي منھن تي کجيءَ جو وڻ بيٺل هو، جنھن سبب مٿس کجي واهه نالو پيو.