کرل (ذات): ’کرل‘ باجوه راجپوتن مان ڄاڻايا وڃن ٿا، جن جو وڏو کرل هو، جنھن جي پٺيان ’کرل‘ سڏجن ٿا. ڪتاب ’پنجاب ڪي ذاتين‘ ۾ لکيل آهي ته کرل، راجا ڪرن جو اولاد آهن. ڪن جاين تي هي جت ته ڪن هنڌن تي چندر ونشي راجپوت سڏجن ٿا. هڪ ٻي روايت موجب هرل، کرل، مرل، پنوار ۽ چوهاڻ راجپوتن مان راءِ ڀوپا ۽ راءِ جيسل جي پٽن جو اولاد آهن. پنجاب جا ماڻهو هنن کي اميرن مان چون ٿا.