کرل واهه: هي واهه، ڏاوڇ واهه کان هيٺ وهي، موجوده دادو-موري واري پـُل جو روڊ ٽپي اڳتي وڃي ٿو. اصل ۾ هي درياهه جو آڳاٽو وهڪرو هو. هن واهڙ جا آثار اڄ به موجود آهن. اهو واهڙ ملڪاڻن کان ٽپي چنراٽ جي اولھه ۾ پنھه جي ڳوٺ کان ٿورو هيٺ جهلي واري درياهه ۾ ويندو هو.