کرڙيءَ جي جنگ:کرڙيءَ جي جنگ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ افغانستان جي تڙجي نڪتل بادشاهه شاهه شجاع جي وچ ۾ اربع جي ڏينھن 8 جنوري 1834ع ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي. انهيءَ ڪري هن جنگ کي تاريخ ۾ ’کرڙيءَ جي جنگ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. کرڙيءَ کي خليفي نبي بخش ’قاسم‘ پنھنجي شاعريءَ جي سُر ڪيڏاري ۾ چار ڀيرا ڪتب آندو آهي. کرڙيءَ جي جنگ جو احوال ڪتاب ’تاريخ تازه نواءِ معارک‘ ۾ منشي عطا محمد شڪارپوريءَ ڏنو آهي، جيڪو شاهه شجاع الملڪ وٽ منشي گيري ڪندو هو.