کرڪڻا جتيءَ جو هڪ قسم

کرڪڻا (جُتيءَ جو هڪ قسم): جُتيءَ جو هڪ آڳاٽو قسم، جيڪو کجيءَ جي پنن ۽ پيش مان ٺاهيو ويندو هو/آهي. هي چمپل يا چاکڙيءَ جي نموني ٺاهيو ويندو هو. چمڙي مان جتين ٺاهڻ جي رواج کان اڳ هن قسم جي جتين پائڻ جو گهڻو رواج هو. جبل جا رهاڪو پيش ڪُٽي يا کجيءَ جا پن پسائي نرم ڪري، ان مان جتيون اُڻندا هئا. شاهه عبداللطيف پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ هن قسم جي جُتيءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: ”کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين، اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو