کنجي نئن

کنجي نئن: ضلعي قنبر-شھداد ڪوٽ ۾ موجود کير ٿر پھاڙي سلسلي کان ھيٺ غيبي ديري طرف وھندڙ هڪ نئن، جنھن جي ڊيگهه 50 ڪلو ميٽر آھي. هيءَ نئن سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ ضلعي خضدار جي حدن مان وھندي قنبر-شھداد ڪوٽ ضلعي ۾ موجود کير ٿر جي پھاڙي سلسلي مان ٿيندي ھيٺ ڪاڇي جي ميداني علائقن ۾ وھي ٿي، جتان اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري دينار خان ٻرڙي جي ڳوٺ ڀرسان گذرندي ھيٺ اوڀر ڏکڻ طرف، غيبي ديري جي اتر پاسي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. کير ٿر جي جبلن ۾ کنجي نئن جي وھڪري جي ڀر ۾ مزاراڻي گئس فيلڊ جي وڏي ڪئمپ آفيس آھي. ڪئمپ جي آسپاس چانڊين جي مارفاڻي پاڙي وارن جا ڪافي ڳوٺ آباد آھن.


لفظ کنجي نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو