کنڀات بندر: هيءَ قديم بندرگاهه ماضيءَ ۾ سنڌ سان رهيو آهي. هاڻوڪي وقت ۾ گجرات (ڀارت) جي حدن ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته هن بندر تي نالو راڻي کنڀاتا جي نالي پويان پيو. سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’ڪنباوٽي‘ مان نڪتل به ٻڌايو وڃي ٿو. 915ع ڌاري هتي آيل عرب سياح المسعوديءَ به هن جو ذڪر ڪيو آهي. 1293ع ۾ مارڪوپولو هن بندرگاهه کي ’ڪنبات‘ جي نالي سان سڏيندي، اوج جو ذڪر ڪيو آهي. پنھنجي اوج واري زماني ۾ کنڀات بندر تان وڏن جھازن ۽ غورابن وسيلي ريشم، ڪپڙي، سون، چمڙي، ڪپھه وغيره جو واپار پرڏيھي ملڪن سان ٿيندو هو. اهم تجارتي مرڪز هئڻ جي ڪري هتي پرڏيھي واپارين لاءِ ڪيتريون ئي ڪوٺيون پڻ قائم ڪيل هونديون هيون.
هن بندرگاهه جي تباهه ٿيڻ جو سبب زلزلن وغيره جي ڪري سمنڊ جو پوئتي هٽڻ آهي. هاڻ هتي هڪ شھر آباد ٿي چڪو آهي. بندر جا گهڻا آثار ميسارجي چڪا آهن.