کنڀات راڳڻي

کنڀات (راڳڻي): کماچ ٺاٺ جي سمپورن کاڊو راڳڻي آهي. آروهي ۾ رکب ورج اٿس. آروهي وڪر – کماچ ۽ کنڀات ۾ فرق هي آهي ته کماچ جي آروهي ۾ رکب ورج آهي. کنڀات جي امروهي ۾ رکب ورج ڪيل آهي. هن راڳڻي ۾ مڌم ۽ ڌيوت جي سنگت رهي ٿي، جيڪا خاص سنڌي پرڪاش راڳن جي نشاني آهي. اترانگ ۾ باگيسري سان ملي ٿي. هن راڳڻي ۾ رکب ۽ ڌيوت جي سرن کي زور ڏيڻ سان کماچ کان جدا ٿئي ٿي. هن کي کنڀاوتي به چوندا آهن.
آروهي: ساري گاپا ما ڌا پاني سا
امروهي: ساني ڌاپاڌاما گا ما سا
وادي سر: کرج
سموادي: نکاد / ڪي پنچم مڃين ٿا
وقت: رات جو ٻيو پھر


هن صفحي کي شيئر ڪريو