کنڀرو

کنڀرو: هي ڳوٺ تعلقي کپري ۾ آهي. هتي هڪ تمام وڏي درسگاهه موجود هئي، جنھن جو بنياد يارهين صدي هجري/سترهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ميان عبدالباقي راڄڙ رکيو، سندس وفات 1100هه/1688ع ۾ ٿي. کانئس پوءِ هن جي پٽ ميين محمد هاشم هن مدرسي کي جاري رکيو. عام روايت آهي ته ميين محمد هاشم جي وقت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هتي آيو هو. هن مدرسي ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به رهيو هو. 1942ع ۾ حرن جي جدوجھد خلاف انگريزن جي لڳايل مارشل لا سبب هي ڳوٺ خالي ڪرايو ويو، جنھن کان پوءِ هن درسگاهه جو اوج ختم ٿي ويو.


لفظ کنڀروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو