کورو: وڻن جو ڪاٺ ساڙي ان مان ڪوئلو/اڱار ٺاهڻ لاءِ زمين تي ترتيب سان ڪاٺيون رکي، اُن مٿان مٽيءَ مان مخروطي نموني جوڙيل جاءِ کي کورو سڏيو ويندو آهي. کورو، پٽ تي خاص قسم جي اڏاوت هوندي آهي، جيڪا گولائيءَ ۾ 20 کان 30 فوٽ ٿئي. هيٺان کان ويڪري ۽ مٿي چڙهندي گولائي سوڙهي ٿيندي ويندي. چوٽي تائين پھچندي گولائي هڪ کان ڏيڍ فوٽ تائين بيھندي آهي. کوريءَ جي تر کان ننڍي دري رکيل هوندي آهي، جنھن مان سڪل ڪاٺيون اندر وجهي اڀيون بيھاري ڀرائي ڪيون وينديون آهن. باهه ڏيڻ بعد دري کي سرون ڏيئي گاري سان ليپو ويندو، جيئن ڪاٺيون رک ٿيڻ بجاءِ اندر ئي اندر سڙنديون ۽ ڪوئلي-اڱار جي صورت وٺن. دري ليپل نه هوندي ته هوا لڳڻ سبب ڪاٺيون رک ٿي وينديون. کوري ۾ ڪاٺيون گهڻو سڪل نه پر گهڻو ڪري اڌ آليون وڌيون وينديون آهن. مڪمل سڪل ڪاٺيون اڪثر ڪري رک ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو. کوري کي باهه ڏيڻ جي ٽن ڏينھن بعد ڪاٺيون ڪوئلي جي شڪل وٺنديون آهن. ٽن ڏينھن کان پوءِ کوري کي کولي، اُن مان ڪوئلو ڪڍي ٻورين ۾ ڀريو ويندو آهي، جيڪو مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري پورهيت ناڻو ڪمائيندا آهن.