کور واهه

کور واهه (شھر): هي شھر تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ضلعي بدين ۾ آهي. هن شھر جو بنياد 1835ع ڌاري کور ذات وارن وڌو. ميرن جي آخري دور ۾ مير ٺاري خان شيرواهه ۽ ماڻڪ واهه ڪڍايا. ان وقت کور ذات وارن پنھنجي مال ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سھولت لاءِ هڪ واهه ڪڍرايو. جيڪو سندن ذات پويان ’کورواهه‘ سڏجڻ لڳو. پاڻيءَ جي سھولت ڪري پوءِ ٻين ڪيترن ئي ذاتين جا ماڻهو لڏي اچي انھي واهه جي ڪناري تي آباد ٿيا ۽ ائين اُتي هڪ شھر آباد ٿي ويو. هي شھر معاشي طور زراعت ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي. هي شھر ڏکڻ- اوڀر ۾ گولاڙچي، اوڀر ۾ ڪڙيو گهنور، اتر ۾ بلڙي شاهه ڪريم ۽ اولھه ۾ ميرپور بٺورو شھر سان روڊن ذريعي ڳنڍيل آهي. هن وقت شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو حاصل آهي. شھر جي آبادي 10000 جي لڳ ڀڳ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو