کوسا (ذات): هي قبيلو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به اڪثريت سان آباد آهن. ڪي چون ٿا ته هي ’رند‘ آهن، ڪن جي راءِ آهي ته کوسا هوت بلوچ آهن. ڊينزل ابسٽن ڪتاب ’پنجاب ڪي ذاتين‘ ص 4 تي لکي ٿو ته کوسا ڪيچ مڪران جي رندن ۽ هوتن مان آهن. مشھور مؤرخ جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته کوسا کوسخ توراني نسل مان آهن. سندن اصل وطن ڪاسريگا چينائي ترڪستان آهي. ايس. صادق علي جي لکڻ موجب کوسا، رند قبيلي جي هڪ شاخ آهي. جيڪي جبلن ۾ رهندا هئا ۽ ڏوهه ڪندا هئا. پر جڏهن جبل ڇڏي سنڌ ۾ آيا ته ماڻهو کين ’کوسا‘ سڏڻ لڳا. کوسن جي چوڻ موجب اصل ۾ لفظ کوسار (ڪوهسار) آهي، جنھن جي معنيٰ جبل جي چوٽين تي رهڻ وارا آهي. جي. ايم سيد جي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ص 407 تي لکيل آهي ته کوسا، رند قبيلي جي شاخ آهن. اصل ڪيچ جا ويٺل هئا. سنڌ گزيٽيئر ۾ پڻ کوسن کي رندن مان لکيو ويو آهي. ڪتاب ’بلوچ‘ جي مصنف م. ڪ. پيڪولين لکيو آهي ته کوسا، هوت جي پوٽي حمل جو اولاد آهن. کوسي کي بليل، عمر، جياڻي ۽ حمل پٽ هئا، جن جي نالي سان بليلاڻي، عمراڻي، جياڻي ۽ حملاڻي پاڙن جا نالا پيا. کوسا هڪ مخلوط قبيلو آهي، جنھن ۾ ٻيا به نَوَ گروپ شامل آهن.
جان جيڪب هنن لاءِ لکيو آهي: ”هي ڪڏهن آبادگار، ڪڏهن ڦورو، ڪڏهن ريڍار ته ڪڏهن وري سپاهي ٿي پوندا آهن.“ ڪتاب ’بلوچ و بلوچستان‘ (جلد 4 از مير نصير خان احمد زئي ڇاپو 1998ع ص 118) تي لکيل آهي ته مڪران جي امير رجب ماملي ڪرد (1298ع) کي ست پٽ هئا، جن مان وڏي پٽ جو نالو ’کوسو‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ’کوسا‘ بلوچ سڏايو. مولائي شيدائي جي لکڻ موجب کوسا، هوت جي اولاد مان آهن. رندن ۽ کوسن جي حسب نسب مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي اندر جيئنداڻي کوسا رهن ٿا، جيڪي رند جي اولاد مان آهن. انھن جو شجرو هن طرح آهي. جيئند پٽ شھڪ پٽ فيروز شاهه پٽ ڪالو پٽ فيروز پٽ گلو پٽ احمد پٽ نصير الدين پٽ رمضان پٽ رند پٽ مير جلال خان.
هڪ روايت موجب مير چاڪر خان حالتن کان مجبور ٿي بلوچستان کان پنجاب ڏانھن هليو ويو. ان سفر دوران ستگهڙو ڏانھن ويندي سنڌو درياءَ کي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين هلائڻ لاءِ کوسن کي چيو هئائين. کوسن مير چاڪر خان، سندس خاندان ۽ لشڪر کي ٻيڙين ذريعي سنڌو درياءُ پار ڪرايو هو. انهيءَ ڪھاڻيءَ کي اتان جا بلوچ چون ٿا ته کوسا ’مھاڻا‘ آهن، جو هنن ٻيڙيون هلايون. انھن کوسن مان سردار بھادر خان کوسي ديري غازي خان ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ ڪن اچي جيڪب آباد ۽ سکر وسائي، جن مان امام بخش خان، هيبت خان، رحيم خان، قادر بخش خان ۽ مير هزار خان نھايت مشھور سردار ٿي گذريا آهن. همايون بادشاهه هنن کي سنڌ ۾ جاگيرون ڏنيون هيون. (بحواله: ڪتاب ’پنجاب ڪي ذاتين‘ ص 124) کوسن مان بلو بڊاڻي هڪ سورهيه ۽ پھلوان ٿي گذريو آهي، جنھن انگريزن سان وڙهي نالو روشن ڪيو هو. هن لاءِ چوڻي آهي: ”بلو بڊاڻين ٿو، سورهه سڏائي.“
کوسن جا پاڙا: احمداڻي، اسحاقاڻي، الوداڻي، اونراڻي، بازماڻي، تڳياڻي، بجاراڻي، بچاڻي، بڊاڻي، بشماڻي، بشواڻي، بکراڻي، بندواڻي، بنديواڻي، بليلاڻي، بولياڻي، بھيلاڻي، بئالاڻي، ٻاجهاڻي، ٻُڍاڻي، بوراڻي، پنجاڻي، جاگيل، جاگيراڻي، جاماڻي، جانورياڻي، جروار، جعفراڻي، جماڻي، جندواڻي، جنگوار، جوگياڻي، جياڻي، جيئنداڻي، جهنڊاڻي، چاڪراڻي، چٽاڻي، چيجاڻي، ڇٽاڻي، حاجاڻي، حملاڻي، حيدراڻي، خاناڻي، درياڻي، دلاڻي، دوستلاڻي، ڌتاڻي، ڌيرناڻي، رفناڻي، رنگواڻي، رودناڻي، روهلاڻي، زدرياڻي، زنگواڻي، زنگويراڻي، زيمڪاڻي، سانگواڻي، سبخاڻي، سلمن، سليماڻي، سنجراڻي، سھباڻي، سھرياڻي، سھڪاڻي، شاداڻي، صاحباڻي، صفرواڻي، عمراڻي، عميراڻي، عيساڻي، ڦاناڻي، ڦرياڻي، فتحلاڻي، فتحڻاڻي، قائماڻي، ڪوڪائي، کلولاڻي، کملاڻي، گاهياڻي، گوندخاڻي، گهراماڻي، گهنوراڻي، لاسي، لداڻي، للاڻي، لڏا، مٽيوال، محمداڻي، مڪڙاڻي، مگسي، مُلا، ملهواڻي، مندراڻي، موندراڻي، مھرواڻي، مھڪاڻي، ميرناڻي، ميرواڻي، نوتڪاڻي، نھاولاڻي، وڏاڻا، هدواڻي، هيبتاڻي، ٿنگواڻي، حمزاڻي، هلولاڻي، ڏائڻا، رانجهاڻي، غزياڻي، ڦرياڻي، مھردائي، مريداڻي ۽ مھنداڻي.