کونٽو/کنئوٽو (ڀرت): کونٽو سونھري ۽ اڇي رنگ جو پٽو آهي، جيڪو هڪ آڱر کان چئن آڱرين تائين ويڪرو ٿيندو آهي. عورتون اهو ڀرت، اوڍڻن ۽ ساڙهين وغيره تي لڳائينديون آهن. کونٽو پٽين کان سواءِ ٻوٽن جي شڪلين تي نيز وانگر پڻ لڳايو ويندو آهي، جنھن ۾ پن هڪٻئي سان ملي ڊگهو پٽو ٺاهي ڇڏيندا آهن. سڄاڻ ۽ سگهڙ عورتون هڪ هڪ پن ڀر ۾ رکي گلن جھڙي شڪل پڻ ڏين. اهڙيءَ طرح هو وليون، وڻن، ٻوٽن، پکين، سج، چنڊ، تارن، ڪتين، ٽيڙو، وڇون، ڪڪڙ، ڍڳي، گهيٽي، هرڻ، کٽ، شينھن، ٽڪرين، سنبل، چؤگل، گزڪمان، دلي ۽ مڇي جھڙيون شڪليون پڻ ٺاهين.