کوکرا پار (شھر): سنڌ جي اوڀر - اتر واري پاسي جو سرحدي شھر، جيڪو ڀارت جي سرحد کان ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ آهي. هن شھر جو بنياد انگريزن جي دور ۾ ٺڪُرن جي کوکر نُک وارن وڌو. ’پار‘ جي معنيٰ کوهه آهي. ٿر ۾ ڪنھن کوهه جي سھولت سان ٻڌل ڳوٺ جي نالي پويان ’پار‘ لفظ لڳائيندا آهن. هتي کوکر نک وارن پھرين کوهه کوٽايو ۽ بعد ۾ دڪان قائم ڪيا، جنھن ڪري ’کوکر پار‘ نالو پيو، جيڪو ڦري کوکرا پار/کوکرا پار ٿيو. انگريز دور ۾ سفري سھولت لاءِ ريلوي نظام لاڳو ٿيو ته کوکرا پار ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي ۽ مسافرن جي سھولت لاءِ مسافر خانو ۽ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ڪامورن لاءِ گيسٽ هائوس تعمير ٿيا. ان وقت ’گڍڙو‘ ڪاروبار جي لحاظ کان وڏو مرڪز هو، جيڪو ’گڍڙي ٽانڪي ريلوي اسٽيشن‘ جي ڪري گهڻو مشھور هو. ننگرپارڪر، عمرڪوٽ،ڍوري ناري ۽ کپري جا واپاري کوکرا پار ريلوي اسٽيشن ذريعي پنھنجو سامان گڍڙي تائين پھچائيندا هئا. جنھن ڪري کوکرا پار ۾ ڪاروبار وڌڻ سان گڏ رهائشي آبادي وڌڻ لڳي، ائين هي هڪ شھر بڻجي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1965ع تائين به انڊيا جي ريل کوکراپار تائين هلندي رهي، جيڪا جنگ کان پوءِ بند ٿي وئي. 1971ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ دوران کوکرا پار تي ڀارتي جھازن بمباري ڪئي، جنھن سبب ريلوي اسٽيشن جو گيسٽ هائوس تباهه ٿي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ روڊن جي ٺھڻ سان واپار جو رخ سنڌ جي ٻين شھرن طرف ٿيو ته سنڌ جي پڇڙيءَ ۾ هجڻ سبب هي شھر ويران ٿي ويو. 1980ع تائين به هتي 80 کن دڪان موجود هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي 30 وڃي بچيا آهن. هن وقت ’کوکرو‘ يا ’کوکڙو‘، ڳوٺ واري صورت ۾ وڃي باقي رهيو آهي ۽ اڄ به روڊ ڪي قدر ريل ذريعي سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. کوکرا پار جي آدمشماري 5000 کان وڌيڪ آهي.