کوکڙا پار (شھر): سنڌ جي اوڀر - اتر واري پاسي جو سرحدي شھر، جيڪو ڀارت جي سرحد کان ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ آهي. هن شھر جو بنياد انگريزن جي دور ۾ ٺڪُرن جي کوکر نُک وارن وڌو. ’پار‘ جي معنيٰ 25 کان 50 فوٽن جو کوهه آهي. ٿر ۾ ڪنھن کوهه جي سھولت سان ٻڌل ڳوٺ جي نالي پويان ’پار‘ لفظ لڳائيندا آهن. اهڙي طرح هتي کوکر نک وارن پھرين کوهه کوٽايو ۽ بعد ۾ دڪان قائم ڪيا، جنھن ڪري ’کوکر پار‘ نالو پيو، جيڪو ڦري کوکرا پار ۽ پوئي کوکڙا پار ٿيو. انگريز دور ۾ سفري سھولت لاءِ ريلوي نظام لاڳو ٿيو ته کوکڙا پار ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي ۽ مسافرن جي سھولت لاءِ مسافر خانو ۽ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ڪامورن لاءِ گيسٽ هائوس تعمير ٿيا. ان وقت ’گڍڙو‘ ڪاروبار جي لحاظ کان وڏو مرڪز هو، جيڪو ’ گڍڙي ٽانڪي ريلوي اسٽيشن‘ جي ڪري گهڻو مشھور هو. ننگرپارڪر، عمرڪوٽ،ڍوري ناري ۽ کپري جا واپاري کوکرا پار ريلوي اسٽيشن ذريعي پنھنجو سامان گڍڙي تائين پھچائيندا هئا. جنھن ڪري کوکرا پار ۾ ڪاروبار وڌڻ سان گڏ رهائشي آبادي ٿيڻ لڳي ۽ ائين هڪ وڏو شھر بڻجي ويو. پاڪستان جي قيام بعد 1965ع تائين انڊيا جي ريل کوکڙي تائين هلندي رهي، جيڪا جنگ کانپوءِ بند ٿي وئي. 1971ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ دوران کوکڙا پار تي ڀارتي جھازن بمباري ڪئي، جنھن سبب ريلوي اسٽيشن جو گيسٽ هائوس تباهه ٿي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ، سنڌ ۾ روڊن جي ٺھڻ سان واپار جو رخ سنڌ جي ٻين شھرن طرف ٿيو ته سنڌ جي پڇڙيءَ ۾ هجڻ سبب هي شھر ويران ٿي ويو. 1980ع تائين هتي 80 کن دڪان موجود هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي 30 وڃي بچيا آهن. هن وقت ’کوکڙو‘، ڳوٺ واري صورت ۾ باقي رهيو آهي ۽ اڄ به ريل ۽ روڊ ذريعي سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. هتي هاءِ اسڪول، ٽپال گهر، بنيادي صحت مرڪز ۽ جانورن جي اسپتال جي سھولت ميسر آهي. ضلعي حڪومت طرفان گيسٽ هائوس پڻ ٺھيل آهي. هتي پوليس ٿاڻو منظور ٿيل آهي پر ٿاڻو تعمير نه هجڻ سبب پوليس انتظاميه عمرڪوٽ ۾ ويھي ذميواري سرانجام ڏيندي آهي. پار '>کوکڙا پار جي آدمشماري 5000 کان وڌيڪ آهي، جنھن ۾ راهما، سومرا، سميجا ۽ سما شامل آهن.