کيئلداس فاني

کيئلداس فاني: سنڌ جي برک شاعر ۽ ڪھاڻيڪار کيئلداس فاني ولد وليرام بيگواڻيءَ جو جنم 4 اپريل 1914ع تي ميان جي ڳوٺ شڪارپور ۾ ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، شڪارپور جي مشھور نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ استاد طور مقرر ٿيو. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سي. اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي شيخ اياز به وٽس پڙهيو. فاني پنھنجي محنت ۽ قابليت سبب ٿوري ئي وقت ۾ گهڻو مشھور ٿيو. شاعريءَ ۾ آغا صوفيءَ کان رهنمائي حاصل ڪري، سندس قائم ڪيل ’بزم مشاعره‘ جي طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺندو هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’فاني‘ هو. هو فاني ڪھاڻيڪار به هو. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيون، جيڪي ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپيون، ساڳئي دؤر ۾ سندس ڪيتريون ئي طبعزاد ڪھاڻيون سنڌوءَ جي مختلف پرچن ۾ ڇپيون.
فانيءَ جي ٻولي سادي، سلوڻي ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي. ڪھاڻين جي چونڊ سماج مان ٿيل آهي. کيئلداس ’فاني‘ جتي ڪلاسيڪل صنفن بيت، گيت ۽ ڪافيءَ ۾ نون خيالن ۽ جذبن کي پيش ڪرڻ ۾ مھارت ملي ٿي، اتي وٽس عروضي صنفن، غزل، نظم، مسدس، مربع، چوسٽي ۽ رباعي جو به نرالو انداز، پختگي ۽ انفراديت آهي. ورهاڱي کان پوءِ فاني سنڌ مان لڏي هند ويو، ان بعد شيخ اياز جڏهن سندس شاعري سنڌو رسالي ۾ پڙهي ته مٿس وڏو اثر ٿيو، جنھن جو ذڪر هن پنھنجي ڪتاب ’ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾ ڪيو آهي. کيئداس فانيءَ جي شاعريءَ جو ڪليات ’سمنڊ سمايو بوند ۾‘ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري کان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنھن جو مھاڳ شيخ اياز لکيو. هن برک اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ مترجم 8 اپريل 1995ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ کيئلداس فانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.04.04  عيسوي

سنڌ جي برک شاعر ۽ ڪھاڻيڪار کيئلداس فاني ولد وليرام بيگواڻيءَ جو جنم 4 اپريل 1914ع تي ميان جي ڳوٺ شڪارپور ۾ ٿيو.


1995.04.08  عيسوي

کيئلداس فاني 8 اپريل 1995ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير خسرو
عامر سيال
چانڊيو عاشق
الطاف حسين حالي
حاجي غلام نبي مهيسر
سرور علي سرور سلاوٽ
سجاد ميراڻي
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو
غلام احمد بيدم خواجہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون