کيتارام  راماڻي مينگهواڙ

کيتارام راماڻي مينگهواڙ

کيتارام راماڻي مينگهواڙ

کيتارام راماڻي مينگهواڙ: کيتا رام ولد کنگهار راماڻي مينگهواڙ 22 آڪٽوبر 1922ع تي ڳوٺ ڀوريلي، تعلقي ۽ ضلعي مٺيءَ ۾ جنم ورتو. هُن فائنل پاس ڪري 1938ع ڌاري خانگي طور پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ 7 سيپٽمبر 1940ع تي سرڪاري طور پرائمري استاد مقرر ٿيو. ٿر جي مختلف اسڪولن ۾ ايمانداري سان نوڪري ڪيائين. مقامي ڳوٺن ۾ وڃي تعليمي جاڳرتا لاءِ پرچار ڪندو رهيو، سندس تعليم ۽ تربيت سان ٿر جا ڪيترائي غريب مسڪين ۽ پورهيتن جا ٻار پڙهي لکي وڏن عھدن تي پھتا. هن آسپاس جي ڳوٺن ۽ راڄن ڀاڳن ۾ سماجي معاملن جي نبيرن ۽ رواداري جي ريت کي قائم رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سگهڙ هو، کيس لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي. هن 30 آڪٽوبر 2010ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.10.22  عيسوي

کيتا رام ولد کنگهار راماڻي مينگهواڙ 22 آڪٽوبر 1922ع تي ڳوٺ ڀوريلي، تعلقي ۽ ضلعي مٺيءَ ۾ جنم ورتو.


2010.10.30  عيسوي

کيتارام راماڻي مينگهواڙ 30 آڪٽوبر 2010ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
ارڏو اترادي
پير شاھنواز شاھہ عارف الموليٰ
اختر رند
حاجب رام
پهلوان فقير ڊومڪي
عدر سلطان ميان
آسو
مير يار محمد ٽالپر
ظفر علي شر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون