کيت شينھن وارو مقام

کيت شينھن وارو مقام: ضلعي نوشھري فيروز ۾ پڊعيدن شھر جي اوڀر ۾ جلالجي ۽ امن روڊ جي وچ تي، چوڏهن ايڪڙن تي ڦھليل هي هڪ تاريخي قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ پراڻي دور جون پڪين سرن سان جڙيل قبرون گهڻيون موجود آهن. هي قبرستان کيت نالي هڪ ٻڪرار جي نالي سان منسوب آهي. جيڪو ذات جو راڄپر (هسڻجو) ٻڌايو وڃي ٿو. کيت بابت هڪ ڏند ڪٿا مشھور آهي ته، ”پراڻي زماني ۾ موجوده قبرستان واري جاءِ تي گهاٽو جهنگ هوندو هو، جتي کيت پنھنجيون ٻڪريون چاريندو هو. هن جُوءِ ۾ هڪڙو شينھن پڻ رهندو هو، جيڪو اڪثر هن جون ٻڪريون کائي ويندو هو. هڪڙي ڀيري شينھن کيس منھان مُنھن ٿي پيو. شينھن جيئن ئي مٿس حملو ڪيو ته هن به شينھن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. گهڻي ويڙهه کان پوءِ کيت ۽ شينھن ٻئي مري ويا، انهن ٻنهي کي انهي جاءِ تي دفن ڪيو ويو. قبرستان جي وچ تي هڪ وڏي پڪي قبر کيت شينھن جي قبر طور ياد ڪئي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو