کيرول
کيرول (زيور): هي زيور هٿ جي آڱر ۾ پائڻ جي مُنڊيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪا چانديءَ مان گهڙي ويندي آهي. مينا واري منڊي عام ٿيڻ کان پوءِ کيرول ٺاهڻ توڙي پائڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي. اڳي مڱڻي ۽ شاديءَ جي رسم ۾ گهوٽ ڪنوار ٻنهي کي کيرول پارائيندا هئا. هاڻي اهو رواج گهٽجي ويو آهي.