کيرول 2

کيرول (ٻوٽو): هن کي سنڌ ۾ کيرول کان سواءِ کيرولي به سڏيو ويندو آهي. هن جو سائنسي نالو Manilkara Hexandra ۽ انگريزي نالو Rayan Tree آهي. هي چيڪو جي نسل مان آهي، هي ٻوٽو اهڙن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جيڪي سمنڊ جي ويجهو آهن. کيرولي جو ميوو نمورين کان ڪجهه وڏو ۽ پچڻ کان پوءِ مٺو ۽ لذيذ ٿئي ٿو. هن جو ٻج ننڍو ۽ سخت ٿئي ٿو. کيرولي جي وڻ جي واڌ ويجهه آهستي ٿيندي آهي. هن جو ڪاٺ تمام مضبوط ٿيندو آهي. گهڻين برساتن وارن علائقن ۾ کيرولي جا وڻ گهڻو ڊگها ٿين ٿا ۽ ٿڙ به تمام ٿلهو ٿئي ٿو. ان ڪري هن جي ڪاٺ جو کاپو به گهڻو ٿئي ٿو. هن وڻ مان جانورن لاءِ چڱو چارو پڻ ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو