کير مُنڊي: هي هٿ جي آڱر ۾ پائڻ جو هڪ زيور آهي، جيڪو خاص طور مڱڻيءَ ۾ ڪنوار ۽ گهوٽ پائين. هن منڊيءَ ۾ ٻڙو نه ٿيندو آهي. ٻڙي واري هنڌ ڪونه ڪو نقش يا ننڍي ٽڪ ڪتب اچي، يعني چورس ٺپي واري منڊي ٿئي. شاديءَ جي ڳالھه پڪي ڪرڻ لاءِ کير پيئڻ واري رسم وقت، گهڻن هنڌن تي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي پنھنجن پنھنجن ساهرن طرفان ڏني ويندي آهي.