کير واري ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ چوٽياريون، ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آهي. پکيڙ اٽڪل ڇھن چورس ميلن تي مشتمل اٿس. هن ڍنڍ جي نالي بابت روايت آهي ته هتي گهاٽن وڻن جو جهنگ هو، جتي خليفي علي محمد ساند جيڪو ’ڏڏر وارو خليفو‘ جي نالي سان مشھور هو، ان وٽ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال هو. هو مينھن ۽ ڍڳين کي صبح جو ڏهڻ ويھندو هو ته رات پئجي ويندي هئي. تمام گهڻي کير سبب گهر جا سمورا ٿانو ڀرجي ويندا هئا ۽ باقي بچيل کير ڍنڍ ۾ هاريو ويندو هو، جنھنڪري هن ڍنڍ جو نالو ’کير واري ڍنڍ‘ پئجي ويو. هن ڍنڍ ۾ آڳاٽي دؤر ۾ گهڻي تعداد ۾ مڇي پيدا ٿيندي هئي، جنھن کي مقامي ماڻهو شڪار ڪري ڀرپاسي جي شھرن ۽ واهڻن ۾ وڪرو ڪندا هئا ۽ هتي سياري جي مند ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي پکي پڻ جھجهي تعداد ۾ ايندا هئا. موجوده وقت ۾ هيءَ ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ سبب پنھنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي، هن ڍنڍ جو انتظام فشريز کاتي وٽ آهي.