کيسانو واهه

کيسانو واهه: ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جو هڪ واهه، جيڪو نصير واهه (لڳ ٽنڊو ڄام) جي هڪ شاخ طور وهندو هو. آبپاشي کاتي جي 1873ع واري رپورٽ ۽ هيوز جي 1876ع واري ’سنڌ گزيٽيئر‘ موجب کيساني واهه جي ڊيگهه 21 ميل هئي ۽ منھن وٽ 14 فوٽ ويڪرو هو. هي واهه انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ روهڙي ڪئنال نڪرڻ کان پھرين، موجوده هنڌ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر اوڀر طرف هاڻوڪي نصرپور- تاجپور ريلوي اسٽيشن (جيڪا پڻ شروع ۾ کيسانو اسٽيشن سڏبي هئي) جي ڀرسان وهندو هو. لفظ ’کيسانھ‘ دراصل اردوءَ جي لفظ ’ڪسان‘ جي بدليل شڪل آهي، جيڪو پوءِ پنھنجي اصل صورت وڃائي مستقل طور ’کسانھ‘، تنھن بعد ’کيسانھ‘ بڻجي ويو. حيدرآباد- ميرپورخاص روڊ تي، ٽنڊي ڄام ويجهو، روهڙي ڪئنال تي موجود ’کيسانھ موري‘ تي اهو نالو پڻ اُن پراڻي ’کيساني مائنر‘ پٺيان پيو. 32-1931ع ۾ روهڙي ڪئنال نڪرڻ ڪري، کيسانو مائينر ڦٽي ويو. ريلوي جي پل ۽ حيدرآباد- ميرپورخاص روڊ تي پڪي موري ٻڌڻ کان پوءِ انگريزن کيسانھ موري (ڪسانھ موري) وارو ساڳيو نالو برقرار رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو