
کيمن يو مولاڻي
کيمن يو مولاڻي: کيمن يو مولاڻيءَ جو جنم 10 جون 1944ع تي ڳوٺ درس، تعلقي موري ۾ شري اُڏيرنومل جي گهر ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان سنڌ مان لڏي وڃي بئراڳڙهه ڀوپال (هندستان) ۾ رهيو، جتي اسڪولي تعليم کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪندي سپرنٽنڊنٽ جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ادبي کيتر ۾ هن 1960ع کان قدم رکيو. سندس پھرين ڪوتا ’زردار‘ بئراڳڙهه جي هاير سيڪنڊري اسڪول جي مخزن ۾ شايع ٿي. سندس شاعريءَ جا مجموعا، ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪيون ڪھاڻيون ڇپيل آهن. هنديءَ مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، ناول ۽ مضمون ترجمو ڪري چڪو آهي. کيمن يو مولاڻيءَ ٻارن لاءِ به ڪوتائون لکيون آهن. ساميءَ جي سلوڪن جي هندي ترجمي تي کيس مڌيه پرديش سرڪار انعام ڏنو. کيمن. يو مولاڻي نئشنل فرينڊس ڪلب بئراڳڙهه جي سالياني مخزن ’رم جهم‘ جا پنج پرچا شايح ڪرايا. مڌيه پرديش حڪومت جي نگراني هيٺ ’سنڌو مشعال‘ ۽ ’سنڌو ٻال مشعال‘ نالي ساليانن رسالن جو پڻ ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس ڇپيل سنڌي ڪتابن ۾: ’ٽارين جهليا ٻور‘ (ڪوتائون 1986ع)، ’اُڏر اُڏر پوپٽڙا‘ (ٻال ڪوتائون 1989ع)، ’اڱڻ مٿي اوپرا‘ (ڪوتائون 1989ع)، ’اوسيئڙو‘ (ڪھاڻيون 1998ع)، ’هل ڙي مٽڪا‘ (ٻال ڪھاڻيون 2001ع)، ’لنو سنديون لاتيون‘ (ڪوتائون 2003ع)، ’سھڻا گلڙا ٻارا‘ (ٻال ڪوتائون 2005ع)، ’ڌرتيءَ کان آڪاس تائين‘ (ڪوتائون 2010ع)، ’جيءَ ۾ ٽانڊا‘ (2016ع)، ’لاٿم ڪَس قلوب کان‘ (ادبي مقالا ۽ مضمون 2022ع) ۽ ’حرف نه ڄاڻان هيڪڙو‘ (ادبي مقالا ۽ مضمون: 2023ع) شامل آهن. هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن ۾: ’پاڇو‘ (چونڊ ڀارتيه ٻولين جون ڪھاڻيون 1988ع)، ’جپ ۽ ڌيان پنڊت شريرام‘ (شرما آچاريه 2010ع)، ’نئين جڳ جو مڇيءَ جو اوتار‘ (شريرام شرما آچاريه 2010ع)، ’ڊاڪٽر امبيڊڪر‘ (رتن ڪمار سامڀريا 2010ع)، ’گيتانجلي‘ (رابندر ناٿ ٽئگور 2012ع)، ’ميان جان جي ڪڪڙ‘ (رتن ڪمار سامڀريا، ڪھاڻيون)، ’ميگهدوت‘ (ڪاليداس، ڪوتائون 2014ع)، ’جل تون جلال تون‘ (پربوڌ ڪمار گوول، ناول 2014ع)، ’خاموشين جي ديس ۾‘ (جيا جادواڻي جون ڪھاڻيون 2014ع)، ’ڪٿي نه اُتي‘ (اشوڪ واجپيئي جون ڪوتائون 2022ع) ۽ ’نارايڻ گرو‘ (ٽي ڀاسڪرن، مونوگراف 2023ع) آهن. سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن ۾: ’سنڌ ڪا اتھاس‘ (موهن گيھاڻي 2004ع)، ’ڪلچرل باءِ پاس سرجري‘ (ڊاڪٽر ستيش روهڙا 2004ع)، ’سامي ڪي شلوڪ‘ (ڀاڱو پھريون 2005ع)، ’سنڌي لوڪ گاٿائين‘ (سمپادن ۽ ترجمو)، ’سندر سي بچي‘ (ٻال ڪوتائون 2005ع)، ’ڪڇ ڪي ياترا‘ (تيج قابل 2009ع)، ’پھلا پيار (گوبند خوشحالاڻي 2009ع)، ’چڙيا رئن بسيرا‘ (ڪھاڻيون 2010ع)، ’بھي کاتي ڪي پني‘ (لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جي آتم ڪٿا جو ترجمو: 2011ع)، ’پياس‘ (هري همٿاڻي، ناول 2011ع)، ’شھيد بختاور‘ (خادم علي شاهه جي ڪتاب جو ترجمو: 2011ع)، ’ديش تو ميرا‘ (گوبند خوشحالاڻي 2012ع)، ’بھي کاتي ڪي پني‘ (ڀاڱو ٻيو، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 2012ع)، ’سامي ڪي شلوڪ‘ (ڀاڱو ٻيو، ڪوي سامي 2012ع)، ’سامي ڪي شلوڪ‘ (ڀاڱو ٽيون، ڪوي سامي 2012ع)، ’بھي کاتي ڪي پني‘ ( لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا، آتم ڪٿا، ڀاڱو ٽيون 2018ع)، ’چل ري مٽڪي‘ (کيمن مولاڻي، ٻال ڪھاڻيون 2014ع)، ’درپن ڪي سامني’ (ڪلا پرڪاش، ناول 2015ع) شامل آهن. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن.
1944.06.10 عيسوي
شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽ مترجم کيمن يو مولاڻيءَ جو جنم 10 جون 1944ع تي ڳوٺ درس، تعلقي موري ۾ شري اُڏير نومل جي گهر ۾ ٿيو.