کيمچند شرما

کيمچند شرما: پھرين آگسٽ 1953ع تي ڳوٺ مول شريف، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو جهمٽ رام شرما هو. هن گرئجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. 5 سال ڪراچيءَ ۾ لينگئيج ٽيچر طور ذميواريون نڀايون. ان کان پوءِ سندس خاندان، ٽنڊي محمد خان جي ڏاڏون واري علائقي ۾ اچي رهيو. کيمچند شرما ’اداره ڪوهستان پبليڪيشن‘ جو بنياد وجهي، ’ڪوهستان مئگزين‘ به جاري ڪيو، جنھن جو پاڻ ايڊيٽر به رهيو. هن پنھنجي هڙان خرچ ڪري اداره ’ڪوهستان پبليڪيشن‘ پاران 45 ٽماهي مئگزين شايع ڪيا. ٽنڊي محمد خان مان سلسليوار ’بي نقاب‘ مئگزين به جاري ڪيو، جيڪو پوءِ بند ٿي ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڳالھيون ڳُجهه اندر جون‘، ’وڏيرڪو فيصلو‘، ’ممتا‘، ’ڀوپا ۽ ڀوت‘، ’ڪوهستان جو نوجوان هندو رسمن جي ڦاسيءَ تي لٽڪيل‘، ’مھاراج ۽ مندر باقي‘ شامل آهن. هي لڳاتار مضمون ۽ ڪھاڻيون به لکندو رهيو. 29 مئي 2021ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪيائين.


لفظ کيمچند شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.08.01  عيسوي

پھرين آگسٽ 1953ع تي ڳوٺ مول شريف، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.


2021.05.29  عيسوي

کيمچند شرما 29 مئي 2021ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ
ڇٽو ٻلال
جاڙيجو جمعو درويش
علي حسن خان هڪڙو
آخوند حاجي دين محمد
اربيلو فقير ڪٽپر
ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
دولت خان پنيو
پيريڪلس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون