کيوڙا

کيوڙا (شھر): جھلم ضلعي ۾، پنڊ دادن خان تعلقي جو هڪ وڏو شھر، جيڪو ڏکڻ ايشيا جي قديم ترين لوڻ جي کاڻ سبب مشھور آهي. دنيا ۾ کاڄرو لوڻ جو هيءُ ٻيو نمبر وڏو ذخيرو آهي. کيوڙا ۾ لوڻ کانسواءِ چُن، سوڊيم ڪلورائيڊ، جپسم ۽ ڳاڙهي مٽي جا پڻ ذخيرا موجود آهن. هن کاڻ بابت چيو وڃي ٿو ته 326 ق م ۾ جڏهن سڪندر يوناني، راجا پورس سان جنگ ڪرڻ لاءِ هن علائقي ۾ آيو ته سندس لشڪر جي گهوڙن کي، هتان جا پٿر چٽيندي ڏٺو ويو. سپاهين اهو واقعو سڪندر يوناني کي ٻڌايو. اهڙي طرح لوڻ جو هيءُ وڏو ذخيرو دريافت ٿيو. لوڻ جي کاڻين وارو هيءُ سلسلو جھلم درياهه کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو سنڌو درياهه جي ڪالاباغ واري علائقي تائين پکڙيل آهي.
کيوڙا شھر لوڻ جي معدنيات سان مالا مال آهي، انهيءَ ڪري هن علائقي کي ’کيوه‘ يعني لوڻ جي کاڻ چيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ بگڙي ’کيوڙا‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هتي آس پاس جي ڳوٺن مان مزدور اچي ڪم ڪندا هئا. 1876ع ۾ انگريزن سياسي ۽ انتظامي بنيادن تي لوڻ جي کاڻن تي ڪم ڪندڙ خاندانن کي کيوڙا ۾ آڻي آباد ڪيو. ان کان پھرين کيوڙا ۾ صرف انگريز ۽ هندو آباد هئا، پر 1876ع کان باقاعده مسلمانن کي به رهائش لاءِ جڳهيون ڏنيون ويون. اهڙيءَ طرح 14 مارچ 1876ع ۾ کيوڙا شھر جو بنياد پيو.
سمنڊ جي سطح کان، 2200 کان 4990 فوٽن جي اوچائي تي واقع کاڻين جو هيءُ سلسلو 300 ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل آهي. تفريح لاءِ ايندڙ سياحن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي هڪ عجائب گهر پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ لوڻ مان ٺھيل شين سان گڏ هزارين سال پراڻا عقيق به رکيا ويا آهن. هيءَ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي لوڻ جي کاڻ چئي وڃي ٿي. کيوڙا جي کاڻ، انگريز دؤر ۾ پھريائين مقامي جنجوعه راجپوتن ڳولهي هٿ ڪئي هئي. 2002ع کان کاڻ جي مک غار کي تفريح لائق بڻائي، 2003ع ۾ سياحتي ماڳ جي حيثيت ڏني وئي آهي. شھر جي آبادي لڳ ڀڳ 35000 ڄاڻايل آهي. هي کاڻيون زير زمين همچورس 110 ڪلو ميٽر ايراضيءَ تي مشتمل آهن. هنن کاڻن مان سالانھ 325000 ٽن لوڻ حاصل ڪيو وڃي ٿو.


لفظ کيوڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو