کَرو

کَرو: فصل پچڻ کان پوءِ لابارو ڪري ول (سنگ) کڻي اچي هڪ صاف ۽ پڪي ميدان تي گڏ ڪري رکندا آهن، ان جاءِ کي ’کرو‘ چئبو آهي. ڪنھن به فصل جي سنگ لڻڻ کانپوءِ کري ۾ آڻي پکيڙي سُڪائي، ڍڳن يا اُٺن جي هَلر ڦيري، ڳاهي، گڏ ڪري ڍڳ ڪندا آهن، جنھن کي ’ماڏَ‘ به چوندا آهن. پوءِ اها اَنُ کي ڇڄ سان وائوري اَن صفا ڪندا آهن، ان کي ’اوڌاڻ‘ چون. باقي جيڪي تھه بچندا آهن، جن ۾ اَن رهجي ويندو آهي، ان کي ’ڏانٺر‘ چون. اُنهن کي وري ڌُڪين سان ڪُٽي، اَنُ ڪڍبو آهي. رهيل سنگ گهڻا هوندا ته وري هلر سان ڳاهي، وائوري صاف ڪري اَن ڪڍندا آهن. ٻُري ۾ اگر داڻا بچيل هوندا ته انهيءَ ٻُريءَ کي وري به وائوري داڻن کي جدا ڪندا آهن، جنھن کي ”ڪُنڊي“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح اَن صفا ڪرڻ لاءِ ”کرو ڪُٽڻ“ چوندا آهن. پڇاڙيءَ وقت ڪي غريب عورتون يا ٻار ايندا آهن، انهن کي هوند سارو خيرات طور اَن ڏبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو