کَٽ (نکٽ):کٽ نالي سان ٽي جدا آسماني تارن جا نکٽ آھن. ھڪ وڏي نکٽ جيڪا قطب تاري جي چوڌاري ڦري، ان ۾ ست تارا آھن، انهيءَ ڪري ان کي ٿر ۽ ڪڇ طرف ساتيرا يا سنتيرا چون ٿا. ننڍي کٽ جيڪا پڻ قطب تاري جي چوڌاري ڦري ٿي. ڪي ’چوتار‘ کي ننڍي کٽ ڪري ڀانئن. ٽين کٽ وڇونءَ جي مُڇين سامھون آھي، جنھن جو خاص نالو ڀٽونءَ جي کٽ ورتو وڃي ٿو.