کُڏي1 پٿري دائرو

کُڏي1 (پٿري دائرو): هي پٿري دائرو ريڪ کان ڪرچات واري رستي تي کاٻي پاسي آهي، جنھن ۾ ڪل 22 پٿري تونڪ، ڪي کتل ته ڪي ڊهي پيل حالت ۾ موجود آهن. دائري جو گهيرو اٽڪل50 ميٽر ۽ قطر 18 ميٽر آهي. هر ٻن پٿرن جي وچ ۾ فاصلو اٽڪل 1.8 ميٽر آهي. دائري ۾ کتل پٿرن مان وڏي ۾ وڏو پٿر 2.42 ميٽر اوچو ۽ 0.82 ميٽر ويڪرو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو