کُڏي2 مقدس دائرو

کُڏي2 (مقدس دائرو): هي ماڳ ڏسڻ ۾ ’حسين شاهه جي ڪوٽيري‘ جي طرز تي آهي جيڪو پڻ ساڳئي عقيدي وارن ساڳئي مقصد لاءِ هڪ ٻيو ’مقدس دائرو‘ ٺاهيو هو. دائري جو اندريون قطر 13 ميٽر ۽ ٻاهريون قطر 18 ميٽر اٿس. اڍائي ميٽر ٻٽي ڀت ۾ هن اڏاوت جو دروازو اتر- اوڀر طرف آهي. دائري کان ٻاهر ٻي ڪا به اڏاوت نظر نٿي اچي. هي ماڳ ريڪ کان ڪرچات ويندڙ رستي تي ساڄي پاسي سان، وارياسي زمين ۾ دٻيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو