کپرو واهه

کپرو واهه: ضلعي سانگهڙ تعلقي کپري جو هي ننڍڙو واهه پندرهن ميل ڊگهو آهي، جيڪو کپري شھر ويجهو 184 ميل تي ناري مان نڪري ٿو. اهو اٽڪل نومبر جي پڇاڙيءَ تائين وهندو رهي ٿو. هي واهه پھرين اٺ ميل 1871ع ۾ باقي ست ميل 1819ع ۾ کوٽيو ويو. هن واهه جي پھرين مرمت 5-1904ع ۾ ٿي. جنھن بعد 1918ع کان 1926ع تائين واهه اسڪيم تحت مرمت ٿي هئي. ان کان پوءِ وقت به وقت ضرورت موجب هن واهه تي ڪم ٿيندو رهيو آهي. هي واهه تڳو سر وٽ ختم ٿئي ٿو، آس پاس جي چڱي زمين آباد ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو