کڏهرو: هيءُ قديم ڳوٺ، ٽنڊي باگي شھر (ضلعي بدين) کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڊگهڙي روڊ تي واقع آهي. کڏهرو کي يونين ڪائونسل جو درجو پڻ مليل آهي، جنھن جي آبادي پنج هزار کان وڌيڪ آهي. کڏهرو چار ديھن تي مشتمل آهي: کڏهرو، چنڊالي I، چنڊالي II ۽ چنڊالي III. يونين ڪائونسل کڏهرو ۾ هڪ هاءِ اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول موجود آهن. هي علائقو گدرن جي پوک سبب مشھور آهي. شھر سان لڳ، علائقي جي زميندار مير خدا بخش خان ٽالپر، پنھنجي گهرواريءَ صاحب خاتون جي ياد ۾ 1947ع ڌاري هڪ ٽه منزل محل تعمير ڪرايو، جيڪو صاحب محل جي نالي سان موجود آهي. اڄ تائين به هن محل ۾ڪيترائي ماڻهو ايندا رهندا آهن.: هيءُ قديم ڳوٺ، ٽنڊي باگي شھر (ضلعي بدين) کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڊگهڙي روڊ تي واقع آهي. کڏهرو کي يونين ڪائونسل جو درجو پڻ مليل آهي، جنھن جي آبادي پنج هزار کان وڌيڪ آهي. کڏهرو چار ديھن تي مشتمل آهي: کڏهرو، چنڊالي I، چنڊالي II ۽ چنڊالي III. يونين ڪائونسل کڏهرو ۾ هڪ هاءِ اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول موجود آهن. هي علائقو گدرن جي پوک سبب مشھور آهي. شھر سان لڳ، علائقي جي زميندار مير خدا بخش خان ٽالپر، پنھنجي گهرواريءَ صاحب خاتون جي ياد ۾ 1947ع ڌاري هڪ ٽه منزل محل تعمير ڪرايو، جيڪو صاحب محل جي نالي سان موجود آهي. اڄ تائين به هن محل ۾ڪيترائي ماڻهو ايندا رهندا آهن.