کڏو

کڏو: کڏو ڪراچيءَ ۾، لياري نديءَ جي ڇوڙ وارو هنڌ هو. لياري نئن لي مارڪيٽ جي اتر پاسي، شيدي وليج جي ڪناري کان ٿيندي کڏي تائين وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. 1729ع ۾ ڀوڄومل ۽ سندس ساٿين پاران جوڙايل ڪراچي ڪوٽ جو مٺو در لياري پاسي کلندو هو. تن ڏينھن ۾ هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه کوٽايل هئا، تنھنڪري هن در جو نالو ’مٺو در‘ رکيو ويو. ڪوٽ ٺھڻ کان پوءِ لياري ندي انھي ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ لياري نئن جو رخ موڙي، هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ ڏانھن ڪيو ويو. لياري نديءَ جي رخ ڦيرائڻ کان پوءِ سمنڊ جو پاڻي انھي کڏ ۾ گڏ ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ ڏانھن ويندو هو. هن علائقي جي قديم رهندڙن جو چوڻ آهي ته ’ڪلاچيءَ جو ڪُن‘ هتي هو ۽ اُهو کڏو به انھيءَ ڪُن جو حصو هو. انگريزن اُها کڏ ڀرائي، کاري در ۽ مختلف ٻيٽن تي ويٺل مھاڻن کي هتي آباد ڪيو. جڏهن لياريءَ جي پراڻي وهڪري کي بند ڪيو ويو ته کڏي جو پاڻي سڪي ويو ۽ آباديءَ جي ڪري سمنڊ به پٺتي هٽي ويو. اُن کڏ جي نسبت سان هن علائقي کي ’کڏو‘ چيو ويو، جيڪو اڄ تائين مشھور آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ هِن کڏي جو نالو اسلام آباد رکيو ويو، پر نئون نالو هلي نه سگهيو. مولانا عبدالله ميمڻ اڇي قبر واري علائقي مان لڏي هتي اچي ويٺو. کڏي ۾ اچڻ کانپوءِ مولانا عبدالله هتي ”مسجد عبدالله“ جو بنياد رکيو. اُها کڏي جي سڀ کان قديم مسجد آهي. 1953ع ۾ نئين سر اڏاوت کان پوءِ مسجد جو نالو ’مسجد فردوس‘ رکيو ويو. 1974ع ۾ مسجد جو انتظام مولانا عبدالله جي پوٽي حافظ محمد اسماعيل، مھاڻن جي ’ڪراچيا جماعت‘ جي حوالي ڪيو. ورهاڱي کان اڳ کڏي ۽ لياري جا ٻيا ڪافي علائقا سنڌي ادب، اردو ادب، صحافت ۽ سياست جو مرڪز رهيا آهن.


لفظ کڏوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو