کڏو: کڏو ڪراچيءَ ۾، لياري نديءَ جي ڇوڙ وارو هنڌ هو. لياري نئن لي مارڪيٽ جي اتر پاسي، شيدي ڳوٺ (وليج) جي ڪناري کان ٿيندي کڏي تائين وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. 1729ع ۾ ڀوڄومل ۽ سندس ساٿين پاران جوڙايل ڪراچي ڪوٽ جو مٺو در لياري پاسي کلندو هو. تن ڏينھن ۾ هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽايل هئا، تنھنڪري هن در جو نالو ’مٺو در‘ رکيو ويو. ڪوٽ ٺھڻ کان پوءِ لياري ندي انهيءَ ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ لياري نئن جو رخ موڙي، هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ ڏانھن ڪيو ويو. لياري نديءَ جي رخ ڦيرائڻ کان پوءِ سمنڊ جو پاڻي انهي کڏ ۾ گڏ ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ ڏانھن ويندو هو. انگريزن اُها کڏ ڀرائي، کاري در ۽ مختلف ٻيٽن تي ويٺل مھاڻن کي هتي آباد ڪيو. جڏهن لياريءَ جي پراڻي وهڪري کي بند ڪيو ويو ته کڏي جو پاڻي سڪي ويو ۽ آباديءَ جي ڪري سمنڊ به پٺتي هٽي ويو. اُن کڏ جي نسبت سان هن علائقي کي ’کڏو‘ چيو ويو، جيڪو اڄ تائين مشھور آهي. مولانا عبدالله ميمڻ اڇي قبر واري علائقي مان لڏي هتي اچي ويٺو.ورهاڱي کان اڳ کڏي ۽ لياريءَ جا ٻيا ڪافي علائقا سنڌي ادب، صحافت ۽ سياست جو مرڪز رهيا آهن.