کڏو بندر: هيءُ بندر عربي سمنڊ جي ڪناري تي تعلقي جاتيءَ ۾ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. پنھنجي اوج واري زماني ۾ هن بندر تان وڏن ٻيڙن، جھازن ۽ غورابن وسيلي اناج جو واپار بمبئي، بحرين ۽ مسقط جي بندرگاهن سان ٿيندو هو، جڏهن ته تاريخي ماهرن موجب سنڊو بندر جي وڌندڙ اهميت سبب هي بندرگاهه ويران ٿي ويو.