کڏيجي آبشار

کڏيجي آبشار: ٽڪرين جي وچ ۾ کڏيجي هڪ اهڙو آبشار آهي، جنھن جو پاڻي 20 کان 25 فوٽ مٿاهينءَ کان هيٺ ڪِري ٿو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريز پنھنجن ڪٽنبن سان گڏ هتي وهنجڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا هئا.آبشار تائين پھچڻ لاءِ ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي 52 ڪلوميٽرن واري ميل پٿر کان کاٻي طرف نئي کڏيجيءَ جي کاٻي ڪنڌيءَ سان ويندڙ واٽ تي اٽڪل 5-6 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي.کڏيجي آبشار پھرين هڪ کڏ ۾ ڪري ۽ پوءِ هڪ واهيءَ جي صورت وٺي ماٿريءَ ۾ ڪي ٽڪرا آباد ڪندو، نئي مول ۾ اچي پئي ٿو، جنھن تي زرعي فصل پڻ ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو