کڏي وارو مدرسو

کڏي وارو مدرسو: انگريزن خلاف ماڻهن ۾ آزادي لاءِ جذبو ۽ تڙپ پيدا ڪندڙ ‘مدرسه عربيه مظھر العلوم ، کڏي’ جو بنياد جنگ آزادي کان پوءِ سنه 1885ع ۾ عبدالله ميمڻ، مولوي محمد سليمان ٻنوي، حاجي حسين ميمڻ، حاجي مھراڻ ۽ مولانا احمد الدين چڪوالي جي مدد سان وڌو. مولانا محمد سليمان مدرسي ۾ تعليم ڏيندو رهيو. مولوي عبدالله جو فرزند مولانا محمد صادق، جڏهن ديوبند مان اعلى تعليم حاصل ڪري واپس آيو تڏهن مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو.جنھن والد جي وفات کان پوءِ ‘مدرسه مظھرالعلوم’ جو باقاعده انتظام سنڀاليو. هن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ مدرسي کي هڪ مثالي ادارو بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هُن ديوبند ۾ شيخ الھند محمود الحسن ديوبند وٽ تعليم حاصل ڪئي هئي، جتي مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سندس هم سبق هئا. ان ڪري هن ۾ به برطانوي سامراج جي مخالفت ۽ آزادي جي تڙپ پيدا ٿي. هن پنھنجي وطن ۽ اسلامي دنيا کي مغربي حڪومتن، خاص ڪري انگريز سرڪار کان آزاد ڪرائڻ لاءِ مدرسي کي اھم مرڪز بنايو. ان لاءِ هن تعليمي نصاب ۾ وڏيون تبديليون آنديون ۽ نين تقاضائن موجب ڦير ڦار ڪئي، جنھن شاگردن ۾ ذهني ۽ فڪري صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. مدرسي ۾ دينيات جي مڪمل تعليم سان گڏوگڏ رياضي، تاريخ، جاگرافي ۽ جديد دنيا جي مسئلن کان شاگردن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ نوان نوان منصوبا جوڙيا ويا. مدرسي پاران شاگردن ۾ سياسي بصيرت، استعداد، اسلامي شعور ۽ دين جي حقيقي دعوت ۽ تبليغ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ پراڻن ڪتابن جي جاءِ تي جديد نصاب جا اُهي ڪتاب داخل ڪيا ويا، جيڪي ملڪ ۽ ملت جي حقيقي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪري پئي سگهيا. انهيءَ خيال سان هي پنھنجي نوعيت جو آڳاٽو ۽ اڪيلو ادارو آهي، جنھن ۾ اسلامي علوم جا سڀئي قديم نادر ۽ ناياب ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. جن سان شاگردن ۾تصنيف، تاليف ۽ مقالا نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. هي مدرسو نظرياتي طور جمعيت علماءِ هند جي شاخ طور ڪم ڪري رهيو هو. مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد سڄي برصغير ۾ شاهه ولي الله جي فڪر تي تعليمي نصاب ٺاهڻ جي ارادي سان هن مدرسي کي چونڊيو ۽ هتي ‘بيت الحڪمت’ قائم ڪري، درسگاهه جو سمورو تعليمي نظام مدرسه ديوبند جي طرز تي هلايو. هن درسگاهه جي نصاب ڪاميٽي ڪجهه اهڙا ڪتاب به لکيا، جيڪي ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ داخل ڪيا ويا. هي مدرسو خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ جو مرڪز رهيو. مولانا محمد صادق کانپوءِ سندس پٽ حافظ حاجي محمد اسماعيل ميمڻ مدرسو سنڀاليو. 1970ع ۾ هن مدرسي مان ‘الصادق’ رسالو جاري ٿيو، جيڪو هر مھيني شايع ٿيندو پيو اچي. هي مدرسو اهل سنت و جماعت ۽ حنفي فرقي جو پابند آهي ۽ دارالعلوم ديوبند جي مسلڪ تي هلي رهيو آهي. هن مدرسي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ الڳ انتظام ۽ هڪ لائبرري به قائم آهي، جنھن ۾ مختلف ٻولين جا هزارين ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون موجود آهن. هن مدرسي جو تدريسي معيار يونيورسٽي سطح جو آهي. هن مدرسي، ڪراچيءَ ۾ تعليم جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو جامع الازهر، مصر ۾ ادا ڪيو آهي. هي مدرسو سر عبدالله هارون ڪاليج جي بلڪل سامھون آهي. 1997ع ۾ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ’مدرسه عربيه مظھر العلوم‘ تي تحقيقي مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن وقت حافظ محمد اسماعيل جو پٽ محمود الحسن مدرسي جو مھتمم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو