کڏڙو

کڏڙو (شھر): ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جو هيءُ شھر سانگهڙکان اولھه طرف ۽ نوابشاهه کان اوڀر طرف سانگهڙ نواب شاهه روڊ تي، سانگهڙ کان اٽڪل ويھن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. شھر جي نالي بابت هڪ روايت آهي ته سانگهڙ کان سڪرنڊ تائين درياهه جي چڙهڻ وقت، جڏهن ٻوڏ واري صورتحال هوندي هئي، تڏهن زميني رستا پنھنجي اهميت وڃائي ويھندا هئا. ان وقت هن سڄي علائقي ۾ سفر ۽ سامان جي اچ وڃ ٻيڙين وسيلي ٿيندي هئي. سانگهڙ ۽ سڪرنڊ جي وچ وارو علائقو درياهه جو ڏيک ڏيندو هو. سانگهڙ کان ٻيڙيون سامان ۽ مسافر کڻي، هتان ٿينديون اڳتي وينديون هيون. پنڌ پري هوندو هو ان ڪري مسافر هتي پھچي ڊاٻو ڪندا هئا. مسافرن جي ڊاٻي جو هنڌ ۽ ٻيڙين جي بيھڻ جي جاءِ موجوده شھر جي چونڪ وٽ هوندي هئي. اتي پتڻ جو مالڪ کڏڙي نالي مير بحر هوندو هو، جنھن جي نالي پٺيان هن شھر جو نالو پيو. ڪن ماڻهن جو هي به چوڻ آهي ته هتي کدڙن جي وڏي مڙهي هوندي هئي. هتي جو وڏو فقير تر جي سڀني کدڙن جو وڏو هوندو هو. تنھن ڪري کدڙي مان بدلجي هن شھر جو نالو کڏڙو مشھور ٿيو. گهڻا ماڻهو کڏڙي ميربحر واري روايت تي متفق آهن. چيو وڃي ٿو ته پراڻو شھر حاجي ڇتي واري مقام وٽ هوندو هو. اهو هنڌ شھر کان ڏکڻ طرف هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. هتي سِرن، مَٽن، پراڻين ٺڪراٽي جاين جا نشان به ملن ٿا. ان مان اندازو ڪيو وڃي ٿو ته هي ماڳ آڳاٽو آهي.ورهاڱي کان اڳ شھر ۾ هندن جي آبادي به چڱي هئي. 1930ع ڌاري روپ چند شھر جو چيئرمين ٿيو، جنھن کان پوءِ مير راڄ محمد لڳاتار پنجويھه سال چيئرمين رهيو. کڏڙو جي هيءَ به خاص ڳالهه آهي ته هن مکيه بازار جي چوڪ ۾ ڇھه گهٽيون اچي ملنديون هيون. شھر جي وچ ۾ ڌرم شالا هوندي هئي، جتي هينئر پٺاڻ آباد آهن.ورهاڱي کان اڳ هتي ڦٽين جو هڪ ڪارخانو هو، جيڪو هينئر ختم چڪو آهي. 1950ع ۾ هتي يونين ڪائونسل هئي اڄڪلھه ٽائون ڪاميٽي آهي. کڏڙي شھر ۾ پاڻيءَ جي انتظام لاءِ آڳاٽي زماني ۾ ڏهه کوهه هئا، جن مان هڪڙو اڄ به قائم آهي. سنڌ ۾ هن ٺٽي، نصرپور، پياري لُنڊ، حيدرآباد ۽ مٺيءَ ۾ به ٺھندا هئا پر کڏڙي جو ٺھيل هنو، پنھنجي نفاست ۽ پائداريءَ جي ڪري گهڻو مشھور آهي.هتي جي آبادي اٽڪل ڏهه هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. 1952ع کان هاءِ اسڪول هلندڙ آهي جيڪو شروع ۾ اي. پي. آر جي بلڊنگ ۾ هلندو هو. جتي شاگردن جي رهڻ لاءِ هاسٽل به هئي، جنھن ڪري پري پري کان شاگرد هتي اچي پڙهندا ۽ رهندا به هئا. ڇوڪرين لاءِ مڊل اسڪول جي سھولت پڻ ميسر آهي. هتي ڪاٽن فيڪٽريون به آهن. هتي گهوڙن جون زينون تمام عمديون تيار ٿين ٿيون. جمڙائو واهه هن جي ڀرسان وَهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو