کھاوڙ (ذات): کھاوڙ ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ڪوهه+آور، ڪوهه معنيٰ جبل ۽ آور معنيٰ کان آيل. يعني جبل کان آيل ماڻهو هڪ روايت موجب: سومرا، دودي چنيسر جا ماڻهو هئا، جيڪي تعلقي وارهه جي ڏاڙهياري جبل ۾ رهندا هئا. ان وقت علاءُ الدين خلجي ۽ دودي سومري جي وچ ۾ جنگ لڳي، دودي هارايو هو، جنھن سبب سومرن مان ڪجهه ماڻهن ڊپ مان ڀاڄ کاڌي، جيڪي ڀڄي ويا، سي ’ڇُٽا‘ سڏجڻ لڳا ۽ جيڪي ڀڄي نه سگهيا، اهي ’ڪوهه آور‘ سڏجڻ لڳا. ڪجهه عرصي بعد ڪوهه آور سنڌي صوتي روپ اختيار ڪري ’کھاوڙ‘ سڏجڻ لڳا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ کھاوڙ ڪلهوڙن جي مريدن ۾ شامل ٿيا ۽ سرائيڪي زبان اختيار ڪيائون، جنھن بعد هي به ’سرائي‘ سڏجڻ لڳا. ڪلهوڙن ڪيترن ئي کھاوڙن کي پنھنجا امير ۽ لشڪر جا سپھه سالار مقرر ڪيا هئا، جيئن محمد حسن کھاوڙ، ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾ ڪلهوڙن پاران مير فتح علي خان ٽالپر سان وڙهيو هو. سرائي کھاوڙ يا سومرن مان تبديل ٿيل کھاوڙ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد آهن، جن مان هڪ ڳوٺ ’گاجي کھاوڙ‘ نھايت مشھور آهي.ڪن کھاوڙن جو چوڻ آهي ته اسان چغتا پٺاڻ آهيون. خير محمد ٻرڙي موجب هي چغتا پٺاڻ نه آهن. لسٻيلي ۾ رهندڙ برفتن جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’کھاوڙ‘ آهي.