کھيڙو

کھيڙو ( اوزار): کھيڙو ڪاٺ جي پٽيءَ مان ٺھيل هڪ موچڪو اوزار آهي، جنھن سان موچي رڱيل چمڙي کي وڏي محنت سان کرڙي، سڌو، صاف ۽ لسو ڪندو آهي. کھيڙو زور سان لڳڻ ڪري چمڙو نرم پڻ ٿي ويندو آهي. کھيڙو اڌ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ جي ماپ جو ٿيندو آهي. کھيڙي جي مُنھن وارو پاسو ڇيڻي وانگر هوندو آهي، موچي کھيڙو لڳائڻ وقت چمڙي کي ايرڻ يا ڪنھن سڌي ۽ سخت شيءِ تي رکي، زور ڏيندو آهي.


لفظ کھيڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو