کھڙو

کھڙو (ذات): کھڙو ذات وارا لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ضلعي جي ڪچي جي ايراضي ۾ رهندڙ آهن. هنن جا ٻه ڳوٺ کھڙا ۽ عاقل مشھور آهن. حميده کھڙو جي لکت موجب ته کھڙا سمن جي ابڙي پاڙي مان آهن ۽ پاڻ کي کھڙ جي آڪھه سان ڳنڍين ٿا، جيڪو ٽن ڀائرن مان وڏو هو، جنھن جا ٻيا ٻه ڀائر کھاوڙ ۽ ڇٽو هئا، جن جي پٺيان به سندس اولاد کھاوڙ ۽ ڇٽو ذاتين سان سڏجن ٿا. چيو وڃي ٿو ته هي لفظ کھڙو نه پر کوهڙو آهي، جيڪو تلفظ بدلائي کوهڙو مان کھڙو ٿي ويو.


لفظ کھڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو