
ڪئلاش شاداب
ڪئلاش شاداب: ڪئلاش شاداب 22 آگسٽ 1972ع تي جروار، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جَشن لال جي گهر ۾ جنم ورتو. 1985ع ۾ خاندان سميت هندستان لڏي ويو، جتي هن انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. والد جي وفات بعد هندي اخبار ’ڀرتيدن راجڌاني‘ ۾ اسسٽنٽايڊيٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. سندس لکڻيون مختلف سنڌي، اردو ۽ هندي اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن، هي ڊرامن ۾ به ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’اڪيلايون‘ (غزل: 2014ع)، ’ڌٻڻ‘ (ڪوتائون: 2015ع)، ’موههِ سون‘ (ڪھاڻيون: 2017ع) ۽ ’یی میرا گهر ہے‘ (ترجمو: 2019ع) شامل آهن.
1972.08.22 عيسوي
ڪئلاش شاداب 22 آگسٽ 1972ع تي جروار، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جَشن لال جي گهر ۾ جنم ورتو.