ڪائي بُٺي (ماڳ): هي ماڳ جهانگارا روڊ، تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄام شوري ۾ آهي، جيڪو ست گهرين کان ھڪ فرلانگ پري اوڀر طرف، ڪائي ماٿري جي ڏکڻ اولھه طرف ھڪ گول ٽڪري تي آهي. انهيءَ گول ٽڪريءَ تي اجڙيل بستيءَ جي گهرن جا آثار ملن ٿا. گهرن جي ڀتين جا آثار ڪٿي ظاهر تہ ڪٿي زمين ۾ پوريل آهن. ھن ٽڪريءَ تان گهڻي آڳاٽي دؤر جو ٺڪراٺو ملي ٿو، مشھور محقق ايڇ. ٽي ليمبرڪ ھن کي ڀنگار chalco-lithic دور جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي ٿو. ليمبرڪ مطابق بَٺيءَ تي ڪوھتراش جيان ھڪ ڪوٽ اڏيل ھو. ھي ماڳ 155x85 ميٽر ويڪرو ۽ 27 ميٽر اوچو آھي، جيڪو اوائلي سنڌو تھذيب جو ماڳ آهي.