
ڪائي ست گهريون
ڪائي ست گهريون (ماڳ): ڪائي ماٿري سيوهڻ شھر کان 40 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي کير ٿر جابلو سلسلي ۾ بڊي جبل ويجهو واقع آهي. ماٿري اٽڪل 5 ھزار ايڪڙن تي ڦھليل آھي. ڪائيءَ ۾ ھڪ قدرتي چشمو آھي، جيڪو هن وقت بہ 400 ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. ھتي پٿر جي دور جي انسانن جي رھڻ جا آثار مليا آھن، جيڪي ستن غارن جي صورت ۾ آھن انهن کي ئي ست گهريون بہ چون ٿا. هتي ٻہ ماڳ آهن. هي ٻئي ماڳ هڪ ٻئي جي اولھه اوڀر ۾ آهن. هتي هڪ وڏو باغ بہ آهي، جيڪو هاڻي ’پنجتن‘ جي نالي سان مشھور آهي. نيئنگ ماٿريءَ جيان هت وهندڙ واهيءَ تي اٽي پيھڻ لاءِ جنڊ رکيل آهي، جيڪو واهيءَ جي پاڻيءَ جي تيز وهڪري تي هلي ٿو ۽ ماڻهو اَنُ پيھن ٿا. هي غارون اوڀر منھيون آھن. ڪن غارن جون ڇتيون ڪري پيون آهن. ماپ اتر کان هن طرح آهي.
غار 1: اندر ٽن ڪوٺين جا آثار ملن ٿا. جن مان ٻہ سالم آھن. غار کي ھڪ لنگهہ آھي. غار جو ھڪ ٿنڀو ڪِري پيو آھي. غار جي منھن وٽ ڀتيون چار فوٽ ٿلھيون آھن.
غار 2: هي غار فقط ھڪ ڪمري تي مشتمل آھي غار جو دروازو ساڍا ڇھه فوٽ اوچو ۽ سوا ٻہ فوٽ ويڪرو آھي. ڀتيون اڍائي فوٽ ٿلهيون آھن.
غار 3: هي غار ھڪ ڪمري تي مشتمل آھي. لنگهہ ساڍا پنج فوٽ ڊگهو ۽ اڍائي فوٽ موڪرو اٿس.
غار 4: ھي غار ٻين غارن جي وچ ۾ ۽ ڪشادي آھي. داخل ٿيڻ لاءِ ٻہ لنگهہ اٿس. دروازي وارو ٿنڀو ڪريل آھي. اوڀر کان اولھه 23 فوٽ ڊگهي، اتر کان ڏکڻ 9 فوٽ موڪري ۽ اوچائي ست فوٽ آهي. غار ڪجهہ ڊٺل حالت ۾ آھي.
غار 5: ھن غار ۾ ٻہ ٿنڀا سلامت بيٺا آھن. ٿنڀا ڪنڊن سان مستطيل شڪل ۾ گهڙيل آھن. اندر ھڪ ڪمرو آهي.
غار 6: هن غار جو لنگهہ ار فوٽ اوچو ۽ ٽي فوٽ موڪرو آهي.
غار 7: ھي غار ڊٺل آھي. صرف ڏکڻ ۾ ھڪ ڪوٺڙي اٿس.
هي پٿر واري دور جون انساني رهائش واريون جايون آهن. آرڪيالاجيءَ جي عالمن جو چوڻ آهي تہ اهي 12000 ق.م جون ٿي سگهن ٿيون. تاج صحرائي جي کوجنا موجب غار جي آسپاس ڪائي ماٿريءَ ۾ بُلي جي بُٺي، نُڪو بُٺي ۽ نيئنگ شريف ڪئلڪولٿڪ (Chalcolithic) دور جون بستيون بہ آهن.
ڪائي ماٿري: سيوهڻ پرڳڻي جي اولھه جابلو پٽي سان ڪائي ماٿري هڪ انتھائي اوائلي انساني ماڳ آهي. ڪائي وادي، سيوهڻ جي اولھه جابلو پَٽي ۾ هڪ حسين ۽ خوبصورت وادي آهي، جتي اوائلي انسانن جا اوائلي پٿر جا گهر ٺھيل آهن. هي گهر هڪ جبل جي ٽڪريءَ تي پٿر جي اوزارن سان گهڙي تراشي غارن نما ٺاهيا ويا آهن. اينٿراپالاجي جا ماهر هنن گهرن کي ان وقت جي انسانن جي اهڙي اوائلي رهائشي ڪالوني طور تصور ڪن ٿا، جڏهن انسان وحشي دور مان ارتقا ڪري پٿر جي دور ۾ پير پاتو ۽ گڏوگڏ آڳاٽي تمدني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. جنھن ۾ انسان زراعت جو هنر ۽ ڌڻ ڌارڻ جو هنر بہ سکي ورتو، جنھن سبب انسان جهنگلي ۽ دربدري واري زندگيءَ مان نڪري هڪ هنڌ رهڻ واري زندگي اختيار ڪئي. هن دور کي پٿر جو اوائلي دور چئي سگهجي ٿو. جيڪو تقريبن ڏھہ پندرهن هزار سال اوائلي آهي. ڪائي ماٿري جي ارتقا جو سبب اتي هزارين سال قديمي هڪ مٺي پاڻي جو چشمو آهي، جنھن تي هاڻي بہ سوين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. ان دور ۾ انسانن ان پاڻيءَ تي زراعت ڪئي هوندي ۽ اتي ئي پنھنجي رهائشي ڪالوني جوڙي رهائش اختيار ڪئي هوندي. ان علائقي ۾ نئنگ شريف جو بھترين چشمو بہ آهي ۽ منڇر ڍنڍ بہ آهي. جنھن جي مٺي تي ماضي ۾ هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي.