ڪاترو
ڪاترو (ڳھه): هي ’ڪاتر‘ جي شڪل تي، چانديءَ جو هلڪو ڳھه آهي، جيڪو ڳچيءَ ۾ هسيءَ جي عيوض پائبو آهي، سنڌ ۾ هيءُ ڳھه هندن جون ڪجهہ ذاتيون پائينديون هيون، پر هاڻ هن ڳھه جو رواج گهٽ ٿي ويو آهي، جڏهن تہ ڪولهي قبيلي جون عورتون اڃا بہ هي ڳھه شوق سان پائينديون آهن.